تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

اڄوڪي ڏينهن تي

هفتي جا مقبول مضمونَ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** ڏور **

ڏور: ’ڏور‘ ۽ ’ڳجهارتون‘ سنڌ جي سگهڙن ۽ عوام جي وندر ۽ ورونهن جو هڪ دلچسپ ۽ محبوب مشغلو آهن. قدامت جي لحاظ کان ’پروليون ۽ ڳجهارتون‘ سنڌ جي سگهڙپائيءَ جو هڪ آڳاٽو نمونو آهن، جن جي ڀيٽ ۾ ’ڏور‘ نسبتاً پوئين ويجهي دور جي پيداوار آهي، جڏهن کان هڪ طرف عوام ۾ اسلامي تاريخ جون روايتون ۽ انهن سان گڏ نبين جا معجزا ۽ اصحابن، امامن، ولين ۽ درويشن جون حڪايتون رائج ٿيون. ٻئي طرف تصوف ۽ سلوڪ جي لحاظ سان ’مجازي‘ ۽ ’حقيقي‘ معنيٰ جو تخيل پيدا ٿيو ته سنڌ جي صوفي شاعرن، پنهنجن بيتن کي ’تمثيل‘ جي قالب ۾ سموهيو. يعني بيتن جي مجازي (ظاهري) مضمون کي سنڌ جي عام قصن ۽ ڪهاڻين جي تاڃي پيٽي ۾ آندائون . . . ’تمثيل‘ وارو معنوي پهلو، پوءِ سگهڙن جي بيتن جو مرڪز ۽ محور بنيو، جن کي ’ڏور‘ سڏيو ويو.

ڏور جي هيئت ۽ معنيٰ: معنوي سٽاءَ جي خيال کان عام پرولي، ڳجهارت ۽ ڏور ۾ هڪ خاص فرق هي آهي ته عام پرولي ’تشبيهه‘ ۽ ’استعاري‘ تي سٽيل آهي. ڳجهارت جي اڏاوت ’تجنيس‘ ۽ ’تلميح‘ تي بيٺل آهي ۽ ’ڏور‘ جي عمارت خاص طرح تمثيل تي اڏيل آهي. قالب ۽ هيئت جي لحاظ سان پروليون ۽ ڳجهارتون اڪثر ننڍن فقرن، جملن يا بيتن جي صورت ۾ سٽيل آهن. ا....وڌيڪ پڙهو